پنو عاقل ماضي حال

پنو عاقل ماضي حال

پنو عاقل ماضي حال

پنو عاقل ماضي حال (ڪتاب): تعلقي پني عاقل بابت هي تحقيقي ڪتاب پروفيسر سرور سيف جي تصنيف آهي. هن ڪتاب ۾ تعلقي جي 85 ڳوٺن، مختلف ديهن جو تعارف، درگاهن، قديم ماڳن جي تفصيل کان سواءِ 180 کان وڌيڪ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا پروفائيل ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ تعلقي پني عاقل جي ڪلاسيڪي شـاعـرن کـانـسـواءِ سگهڙن، مولودن، ملهه پهلوانن، فنڪارن، اداڪارن، سازندن ۽ رانديگرن جو به احوال ڏنو ويو آهي. آخر ۾ 16 ضميما ۽ ڪي ناياب تصويرون به شامل ڪيل آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر اختر درگاهيءَ لکيو آهي، جڏهن ته مشهور شاعرن اياز گل، قاضي مقصود گل، نعيم شيخ، ايس.جي ڀاڳيا، پريل دايي ۽ ليکڪ بدر سميجي جا رايا پڻ شامل آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت پني عاقل شاخ جي سهڪار سان، مـهـراڻ سـائنس پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران مارچ 2013ع ۾ شايع ڪيو آهي. 328 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو